Search form

رسولن جا ڪم 17

ٿسلونيڪيءَ ۾

1ھاڻي ھو امفپلس ۽ اپلونيا مان لنگھي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يھودي عبادت⁠خانو ھو. 2پولس پنھنجي عادت موجب سندن عبادت⁠گاھہ ۾ ويو ۽ ٽن ھفتن تائين ھر سبت جي ڏينھن تي ھو پاڪ ڪتابن مان ساڻن بحث پيو ڪندو ھو، 3۽ دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو ھئن تہ ”اھو ضروري ھو تہ مسيح ڏک سھي ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿي.“ ھن چيو تہ ”ھي عيسيٰ جنھن جي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان سو ئي مسيح آھي.“ 4انھن يھودين مان ڪن مڃيو ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا. خدا پرست يونانين جو ھڪ وڏو تعداد ۽ ڪيتريون ئي مکيہ عورتون بہ اچي ساڻن شامل ٿيون.

5پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن. 6جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن. 7ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف⁠ورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“ 8جڏھن ماڻھن ۽ شھر جي عملدارن اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ ڏاڍا پريشان ٿيا. 9پوءِ عملدارن ياسون ۽ انھن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.

بيريا ۾

10پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا. 11اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي. 12تنھنڪري انھن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترين مکيہ عورتن توڙي مردن ايمان آندو. 13پر جڏھن ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪري رھيو آھي، تڏھن ھنن اتي بہ وڃي ماڻھن کي ڀريو ۽ منجھن گوڙ مچايائون. 14جلد ئي ڀائرن پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. پر سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رھي پيا. 15جيڪي ماڻھو پولس سان گڏجي ويا ھئا، سي ساڻس اٿينس تائين ھليا. پوءِ ھو بيريا ڏانھن پولس جي ھن ھدايت سان موٽيا تہ جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس، پولس سان ملن.

اٿينس ۾

16جڏھن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رھيو ھو، تڏھن ھن کي اھو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شھر بتن سان ڀريو پيو آھي. 17تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو. 18اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو. 19پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟ 20ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“ 21انھن ڏينھن ۾ اٿينس جا سڀ ديسي توڙي پرديسي جيڪي اتي رھندا ھئا، سي پنھنجو سارو وقت نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا ھئا.

22تڏھن پولس ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رھاڪو! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ مذھبي دلچسپي ٿا رکو، 23ڇالاءِ⁠جو مون گھمندي گھمندي اوھان جي عبادت وارين شين تي غور ڪري ڏٺو آھي. ھڪڙي قربان⁠گاھہ ڏٺم جنھن تي لکيل ھو تہ ’نامعلوم خدا جي لاءِ.‘ سو اوھين ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان سواءِ جنھن جي عبادت ٿا ڪريو، تنھن جي ئي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان. 24- جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي. 25ھو ڪنھن بہ شيءِ جو محتاج نہ آھي ۽ نڪي ھو ڪنھن کان خدمت ڪرائڻ گھري ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساھہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏنو آھي. 26ھن ھڪڙي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آھن، تہ جيئن اھي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. ھن انھن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آھن، 27انھيءَ لاءِ تہ ھو اميد رکي خدا جي ڳولا ڪن ۽ من ھن ڏانھن ڦري کيس ڳولي لھن. ڇالاءِ⁠جو ھو اسان مان ڪنھن کان بہ پري نہ آھي 28۽ اسين منجھس ئي جيئون ۽ ھلون چلون ٿا ۽ اسان جي ھستي بہ انھيءَ جي ڪري آھي. جيئن تہ اوھان جي ڪن شاعرن بہ ائين چيو آھي تہ ’اسين بہ خدا جو اولاد آھيون.‘ 29جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آھيون، تنھنڪري اسان کي ائين نہ سمجھڻ گھرجي تہ ھن جي ذات ڪنھن سون، چانديءَ يا پٿر جي بت وانگر آھي، جيڪو انساني ھنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاھيو ويو ھجي. 30سو جن وقتن ۾ ماڻھو بي⁠خبر ھئا، تن وقتن ۾ خدا بہ چشم⁠پوشي ڪئي. پر ھن زماني ۾ خدا سڀني ماڻھن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ھو جتي بہ ھجن اتي توبھہ ڪن. 31ڇالاءِ⁠جو ھن ھڪ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تي ھو سڄي جھان جو عدل ۽ انصاف انھيءَ ماڻھوءَ جي ھٿان ڪندو جنھن کي ھن اڳ ۾ ئي چونڊي ڇڏيو آھي. انھيءَ لاءِ ھن کيس مئلن مان وري جيئرو ڪري ھر ڪنھن تي اھا ڳالھہ ثابت ڪري ڇڏي آھي.“

32جڏھن انھن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين پوءِ بہ اوھان کان ھن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌنداسين.“ 33پوءِ پولس ڪائونسل مان ھليو ويو. 34پر ڪي ماڻھو ساڻس اچي گڏيا ۽ ايمان آندائون. انھن مان ھڪڙو ديونيسيُس نالي ھو، جيڪو اريوپگس ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھڪڙي عورت دمرس نالي ھئي ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ھئا.

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index