Search form

لوقا 10

ٻاھتر ڄڻن کي موڪلڻ

1ھن کان پوءِ خداوند ٻاھتر ڄڻا ٻيا بہ مقرر ڪيا، جيڪي ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ ھر انھيءَ شھر ۽ جاءِ تي اڳ ۾ ويا جتي کيس پاڻ وڃڻو ھو. 2- انھن کي چيائين تہ ”فصل بلڪل ڀلو آھي، پر لڻندڙ ٿورا آھن. تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو موڪلي. 3- وڃو، آءٌ اوھان گھيٽن کي ڄڻ تہ بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان. 4- اوھين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٻاچڪو يا جتي نہ کڻجو ۽ نہ ڪنھن کي واٽ تي سلام ئي ڪجو. 5جنھن گھر ۾ وڃو تہ پھريائين انھيءَ گھر جي سلامتي گھرجو. 6جيڪڏھن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب ھوندو تہ اوھان جو سلام مٿس رھندو، ⁠نہ⁠تہ موٽي اوھان وٽ ايندو. 7- پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي. 8جنھن جنھن شھر ۾ وڃو ۽ جي اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول ڪن تہ جيڪي ڪجھہ اھي اوھان کي آڻي ڏين سو کائجو. 9جيڪي ان شھر ۾ بيمار ھجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻھن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘ 10- پر جيڪڏھن ڪنھن شھر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي گھٽين ۾ نڪري ھيئن چئجو تہ 11’اوھان جي شھر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي ھئي، سا بہ +ڇنڊي وڃون ٿا، پر ھي بہ ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاھت اوھان جي ويجھو اچي پھتي آھي.‘ 12- آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندو.

13-- افسوس آھي تو تي، اي شھر خرازين! ۽ حيف آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو اوھان ۾ جيڪي معجزا ڪيا ويا آھن، سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ جيڪر اتان جا ماڻھو گھڻو اڳ ۾ کٿو ڍڪي مٿي ۾ خاڪ وجھي ويھي توبھہ ڪن ھا. 14پر آخرت جي ڏينھن صور ۽ صيدا کان وڌيڪ اوھين ڀوڳيندا. 15- اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ ھرگز نہ، بلڪ تون تہ پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين.“

16- عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جيڪو اوھان جي ٻڌي ٿو، سو ڄڻ منھنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوھان کي نہ ٿو مڃي، سو ڄڻ مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي سو ڄڻ خدا کي نہ ٿو مڃي جنھن مون کي موڪليو آھي.“

ٻاھتر ڄڻن جو موٽي اچڻ

17پوءِ اھي ٻاھتر ڄڻا ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوھان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آھن.“ 18عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي. 19- ڏسو، مون اوھان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آھي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوھان کي ايذاءُ نہ رسائيندي. 20انھيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوھان جي تابع ٿيا آھن، پر ھن ڪري خوش ٿيو جو اوھان جا نالا بھشت ۾ اُڪريل آھن.“

عيسيٰ جو خوش ٿيڻ

(متي ۲۵‏:۱۱‎–۲۷، ۱۶‏:۱۳‎–۱۷)

21انھيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ ھن چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ! آءٌ تنھنجو احسانمند آھيان جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن تي ظاھر ڪيون اٿيئي. ھائو بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشي انھيءَ ۾ ھئي.“

22- ”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“

23پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانھن ڦري انھن کي پنھنجيءَ پَرِ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آھيو اوھين جو ھي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا. 24ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

نيڪ سامريءَ جو مثال

25- تنھن کان پوءِ شريعت جو ھڪڙو عالم اٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“ 26تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آھي؟ تون پڙھڻ وقت ڇا ٿو سمجھين؟“ 27- ھن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي سڄيءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان، پنھنجي سڄيءَ طاقت ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘“ 28- تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تو پورو جواب ڏنو آھي. ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“

29پر ھن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي چيو تہ ”منھنجو پاڙيسري ڪير آھي؟“ 30عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھڪڙو ماڻھو يروشلم کان يريحو شھر ڏانھن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاھي ورتس ۽ مار بہ ڏنائونس ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. 31اتفاق سان ھڪڙو ڪاھن انھيءَ رستي سان پئي ويو ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري ھليو ويو. 32اھڙيءَ طرح ھڪڙو لاوي بہ انھيءَ رستي تان آيو، سو بہ ھن کي ڏسي پاسو ڪري ھليو ويو. 33- پر ھڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏھن ھن کي ڏٺو تڏھن کيس ھن تي ڪھل آئي. 34ھن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنھنجي وھٽ تي چاڙھي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين. 35ٻئي ڏينھن تي ٻہ چانديءَ جا سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’ھن جي خدمت ڪندو رھہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“

36عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”ھاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اھو شخص جو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنھن جو ھنن ٽنھي ڄڻن مان ڪير پاڙيسري ٿيو؟“ 37تنھن تي شريعت جي عالم وراڻيو تہ ”اھو جنھن کي مٿس ڪھل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“

مارٿا ۽ مريم سان ملاقات

38- عيسيٰ ۽ سندس شاگرد جيئن ئي رستو وٺيو پئي ويا تہ ھو ھڪڙي ڳوٺ ۾ پھتا، جتي مارٿا نالي ھڪڙي عورت کيس پنھنجي گھر ۾ آڻي ٽڪايو. 39ان عورت جي مريم نالي ھڪ ڀيڻ ھئي، جنھن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھي سندس ڪلام ويٺي ٻڌو. 40مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي ۽ اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي خداوند! اوھان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منھنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آھي؟ ھاڻي چئوس تہ منھنجي مدد ڪري.“ 41پر خداوند وراڻيس تہ ”اي مارٿا! اي مارٿا! تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتين ۽ تڪليف ۾ آھين. 42پر رڳو ھڪڙي ئي ڳالھہ ضروري آھي. مريم اھا چڱي ڳالھہ چونڊي کنئي آھي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index