Search form

لوقا 11

شاگردن کي دعا سيکارڻ

(متي ۹‏:۶‎–۱۳، ۷‏:۷‎–۱۱)

1ھڪڙي دفعي ڪنھن ھنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏھن دعا گھري چڪو تڏھن سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي خداوند! جھڙيءَ طرح يحيٰ پنھنجن شاگردن کي دعا سيکاري ھئي، تھڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“ 2عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏھن اوھين دعا گھرو تہ ھيئن چئجو:

’اي بابا! شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،

۽ تنھنجي بادشاھت اچي.

3اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اسان کي روزانو ڏي.

4اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر،

ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھن

تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون.

ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“

5پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو دوست ھجي ۽ اڌ رات جو وٽس وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي، 6ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجو ھڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آھي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي جو کڻي ھن جي اڳيان رکان.‘ 7تڏھن اوھان جو دوست اوھان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. ھن مھل در بند آھي ۽ آءٌ پنھنجن ٻارن سان گڏ ستل آھيان، تنھنڪري آءٌ اٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘ 8آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو اوھان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اٿي، پر پنھنجي خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوھان کي گھرج ۾ ھونديون اوتريون ڏيندو. 9انھيءَ ڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کليوَ. 10ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھرندو آھي تنھن کي ملندو آھي، جيڪو ڳوليندو آھي تنھن کي لڀندو آھي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آھي تنھن لاءِ کلندو آھي. 11ڇا اوھان منجھہ ڪو اھڙو پيءُ آھي جنھن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟ 12يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ ھو وِڇون ڏئيس؟ 13جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙا ھئڻ جي، پنھنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيترو نہ وڌيڪ انھن کي پاڪ روح ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا.“

عيسيٰ ۽ بعل⁠زبول

(متي ۲۲‏:۱۲‎–۳۰، مرقس ۲۰‏:۳‎–۲۷)

14ھڪڙي دفعي عيسيٰ اھڙي ماڻھوءَ مان ڀوت ڪڍي رھيو ھو جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ڀوت گونگو ھو. جڏھن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھو حيران ٿي ويا. 15- پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“ 16- ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“ 17پر عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سا برباد ٿيندي ۽ جنھن گھر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو گھر تباھہ ٿيندو. 18سو جيڪڏھن شيطان جي بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي تہ اھا ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ اوھين چئو ٿا تہ آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان. 19جيڪڏھن آءٌ بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ ڀلا اوھان جا ماڻھو ڪنھن جي تہ مدد سان انھن کي ڪڍين؟ پوءِ تہ اھي ئي اوھان کي ڪوڙو ڪندا. 20پر جيڪڏھن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻو تہ خدا جي بادشاھت اوھان منجھہ اچي پھتي آھي.

21جڏھن ڪو طاقت وارو ماڻھو پنھنجا ھٿيار پنھوار ٻڌي پنھنجي گھر جو پھرو ٿو ڏئي تہ گھر جو سڀ مال⁠متاع سلامت ٿو رھي. 22پر جڏھن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻھو حملو ڪري مٿس غالب ٿو پوي، تڏھن کانئس ھٿيار پنھوار کسي ٿو وٺي، جن تي ھن کي ناز ھو ۽ پوءِ سندس مال ڦري ورھائي ٿو ڇڏي.

23- جيڪو مون سان نہ آھي، سو منھنجي خلاف آھي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ڇڙوڇڙ ڪريو ڇڏي.“

ڀوتن جو موٽڻ

(متي ۴۳‏:۱۲‎–۴۵)

24”جڏھن ڪو ڀوت ڪنھن ماڻھوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اھو ويران ھنڌن ۾ اھڙي جاءِ لھڻ لاءِ رلي ٿو جتي ھو آرام ڪري سگھي. جڏھن آرام نہ ٿو مليس تڏھن چوي ٿو تہ ’آءٌ انھيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو ھوس.‘ 25جڏھن اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي، 26تڏھن ھو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اھي ان ماڻھوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رھن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ ابتر ٿيو پوي.“

سچي خوشي

27عيسيٰ اھي ڳالھيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان ھڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڳورو آھي اھو پيٽ جنھن ۾ اوھين ھئا ۽ اھا ڇاتي جيڪا اوھان ڌاتي.“ 28تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“

عيسيٰ کان معجزي جي گھُر

(متي ۳۸‏:۱۲‎–۴۲)

29- جڏھن عيسيٰ جي چوگرد ماڻھو مڙي آيا، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو ڪھڙا نہ بڇڙا آھن جو اھي ڪو معجزو ٿا ڏسڻ گھرن. پر انھن کي يونس نبيءَ جي معجزي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو. 30- ڇوتہ جيئن نينواہ شھر جي ماڻھن لاءِ يونس ھڪڙو نشان بڻيو، تيئن ھن زماني جي ماڻھن لاءِ ابن⁠آدم بہ ھڪ نشان بڻبو. 31- آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي. 32- نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.“

بدن جي روشني

(متي ۱۵‏:۵، ۲۲‏:۶‎–۲۳)

33- ”ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي. 34اوھان جون اکيون اوھان جي بدن لاءِ ڏيئو آھن، سو جيڪڏھن اوھان جون اکيون ٺيڪ آھن تہ اوھان جو سڄو بدن روشن ھوندو. پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اونداھيءَ ۾ غرق ھوندو. 35تنھنڪري خيال رکو تہ اوھان ۾ جا روشني آھي سا اونداھي تہ ڪينھي. 36جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“

فريسين ۽ شريعت جي عالمن تي ملامت

(متي ۱‏:۲۳‎–۳۶، مرقس ۳۸‏:۱۲‎–۴۰)

37عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو. 38فريسي ھي ڏسي حيران ٿيو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ انھن جي رسم موجب ھٿ ڇو ڪين ڌوتا. 39تڏھن خداوند چيس تہ ”اوھين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوھان جو اندر ھٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آھي. 40اي بي⁠وقوفو! جنھن خالق اوھان جو ٻاھر ٺاھيو آھي، ڇا تنھن ئي اوھان جو اندر نہ ٺاھيو آھي؟ 41جيڪو اوھان جي وٽين ۽ ٿالھين ۾ آھي سو غريبن کي ڏيو تہ اوھان لاءِ سڀ ڪجھہ اجرو ٿئي.

42- ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي فريسيو! جو اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ ھر ڪنھن ڀاڄين جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا. 43اي فريسيو! مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين عبادت⁠خاني ۾ اعليٰ درجي جون جايون والاريو ٿا ۽ بازار ۾ ماڻھن جا سلام پسند ڪريو ٿا. 44مصيبت آھي اوھان لاءِ، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھن بي⁠نشان قبرن جي مثل آھيو، جن تان ماڻھو بي⁠خبريءَ ۾ ھلن ٿا.“

45ورنديءَ ۾ شريعت جي ھڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! ھي جيڪي اوھين چئو ٿا تنھن ۾ اسان کي بہ طعنا تنڪا ٿا ھڻو.“ 46تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آھي اوھان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمو! جو اوھين ماڻھن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لايو. 47مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو، جن کي اوھان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو ھو. 48اھا ھن ڳالھہ جي شاھدي آھي تہ جيڪي اوھان جي ابن ڏاڏن ڪيو سو اوھان کي قبول آھي، ڇوتہ انھن تہ نبين کي مارايو ھو ۽ اوھين سندن قبا پيا اڏايو. 49انھيءَ لاءِ خدا جي حڪمت بيان فرمايو آھي تہ ’آءٌ نبين ۽ رسولن کي انھن وٽ موڪليندس، جن مان اھي ڪن کي ماري وجھندا ۽ ڪن کي ستائيندا.‘ 50سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وھايو ويو آھي، تن جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو. 51- مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربان⁠گاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو. 52مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو! جو اوھان علم جي گھر واري دروازي جي ڪنجي تہ کسي ورتي آھي، پر نہ پاڻ ان ۾ داخل ٿيا آھيو ۽ نہ وري انھن کي اندر داخل ٿيڻ ٿا ڏيو جيڪي اچڻ چاھين ٿا.“

53جڏھن عيسيٰ اتان ھلڻ لڳو تہ شريعت جا عالم ۽ فريسي سندس مخالفت ۾ ڳالھائڻ لڳا ۽ کيس سوالن سان وڪوڙي ويا، 54انھيءَ لاءِ جو ھنن وجھہ پئي ڳوليو تہ ھو سندس چيل ڪا ڳالھہ پڪڙي وٺن.

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index