Search form

لوقا 15

وڃايل رڍ جو مثال

(متي ۱۲‏:۱۸‎–۱۴)

1- ھڪ دفعي ڪيترائي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار ماڻھو عيسيٰ جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا. 2تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“ 3تنھن تي عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ 4”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪڙي گم ٿي وڃينس تہ ھو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا ھو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي، ان ھڪڙيءَ جي پٺيان نہ رلندو جيستائين اھا نہ لڀيس؟ 5پوءِ جڏھن ھو اھا لھي ٿو تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انھيءَ کي ڪلھن تي ٿو کڻي. 6ھو جڏھن گھر پھچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي وڃايل رڍ لڌي آھي.‘ 7آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“

وڃايل سڪي جو مثال

8”يا فرض ڪريو تہ ھڪڙيءَ عورت کي +چانديءَ جا ڏھہ سڪا آھن ۽ ھڪ وڃائجي وڃينس، تہ اھا ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻھاريندي ۽ خبرداريءَ سان پيئي ڳوليندي جيستائين اھو نہ لھندي. 9جڏھن لڀيس ٿو تہ پنھنجن ساھيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجو وڃايل سڪو لڌو آھي.‘ 10آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اھڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏھن ھڪ گنھگار توبھہ ٿو ڪري.“

وڃايل پٽ جو مثال

11عيسيٰ ھيئن بہ چيو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي ٻہ پٽ ھئا، 12جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منھنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو ھن پنھنجي ملڪيت ٻنھي پٽن کي ورھائي ڏني. 13اڃا ڪي ڏينھن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنھنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنھن ڏورانھين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنھنجي سموري ملڪيت اڏائي ڇڏيائين. 14جڏھن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏھن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ھو بک مرڻ لڳو. 15انھيءَ ملڪ جي ھڪڙي ماڻھوءَ وٽ نوڪر ٿي بيھڻ لاءِ ويو جنھن کيس پنھنجن ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. 16ھو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار ھو، پر اھو بہ ڪنھن نہ ٿي ڏنس. 17آخرڪار ھن پاڻ سنڀاليو ۽ پنھنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منھنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رھن، پر آءٌ ھتي بک پيو مران. 18آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندم تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان، 19۽ ھاڻي انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان. مون کي پنھنجو ھڪڙو نوڪر سمجھي بيھاريو.“‘ 20سو ھو اٿي پنھنجي پيءُ ڏانھن روانو ٿيو. ھو اڃا پري ئي ھو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪھل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. 21تڏھن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوھان جو ڏوھاري آھيان ۽ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھان جو پٽ سڏايان.‘ 22پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پھرايوس، سندس ھٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. 23ھڪڙو ٿلھو متارو وھڙو آڻي ڪھو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملھايون، 24ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.

25انھيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل ھو سو موٽي آيو. جڏھن گھر جي ويجھو پھتو تڏھن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. 26تڏھن ھڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’ھي ڇا پيو ٿئي؟‘ 27تنھن تي نوڪر چيس تہ ’تنھنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو، تنھنڪري تنھنجي پيءُ ٿلھو متارو وھڙو ڪھايو آھي.‘ 28تڏھن ھو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنھن تي سندس پيءُ ٻاھر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. 29پر ھن پنھنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ ھڪ ٻانھي وانگر اوھان جي خدمت ڪندو رھيو آھيان ۽ ڪڏھن بہ اوھان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، مگر توھان ڪڏھن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنھنجن سنگتين سان موجون ماڻيان. 30پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘ 31تنھن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ ھميشہ مون سان گڏ آھين ۽ جيڪي منھنجو آھي سو سڀ تنھنجو ئي آھي. 32پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index