Search form

لوقا 18

ھڪڙي رن⁠زال ۽ جج جو مثال

1عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ 2”ڪنھن شھر ۾ ھڪڙو جج رھندو ھو، جنھن کي نہ خدا جو خوف ھو ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ. 3انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي رن⁠زال رھندي ھئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي ھئي تہ ’جوابدار جي خلاف منھنجو انصاف ڪر.‘ 4جج ڪجھہ وقت تہ ھن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آھي ۽ نہ ماڻھن جي پرواھہ، 5پر جيئن تہ ھيءَ رن⁠زال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنھنڪري ساڻس انصاف ڪندس، ⁠نہ⁠تہ ھيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“

6تڏھن خداوند چيو تہ ”ٻڌءَ، ھن بي⁠انصاف جج ڇا چيو؟ 7تہ پوءِ خدا پنھنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينھن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا ھو انھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ 8آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابن⁠آدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“

فريسيءَ ۽ ھڪ محصول اڳاڙيندڙ جو مثال

9جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ 10”ٻہ شخص ھيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، ھڪڙو فريسي ۽ ٻيو محصول اڳاڙيندڙ. 11فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان. 12آءٌ ھفتي ۾ ٻہ ڏينھن روزو ٿو رکان ۽ پنھنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿو ڪريان.‘ 13پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘ 14- آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ پھريون نہ، پر ھي ٻيو ماڻھو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

ننڍڙن ٻارن سان پيار

(متي ۱۳‏:۱۹‎–۱۵، مرقس ۱۳‏:۱۰‎–۱۶)

15ڪي ماڻھو پنھنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي. پر جڏھن شاگردن ھي ڏٺو تہ ھو انھن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا ھئا. 16عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي. 17آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان ٿو تہ جيڪوبہ ٻار وانگر خدا جي بادشاھت قبول نہ ڪندو سو ڪڏھن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“

شاھوڪار ۽ خدا جي بادشاھت

(متي ۱۶‏:۱۹‎–۳۰، مرقس ۱۷‏:۱۰‎–۳۱)

18ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 19عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي. 20- تو کي حڪمن جي خبر آھي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاھدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.‘“ 21ھن چيو تہ ”انھن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رھان.“ 22عيسيٰ جڏھن ھي ٻڌو، تڏھن چيائينس تہ ”اڃا تو ۾ ھڪڙي گھٽتائي آھي، تہ جيڪي⁠بہ اٿئي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورھائي ڇڏ، تہ تو کي بھشت ۾ خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 23پر ھن جڏھن اھو ٻڌو تہ ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ڏاڍو شاھوڪار ماڻھو ھو.

24عيسيٰ ڏٺو تہ ھو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آھي، تڏھن چيائين تہ ”شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏو نہ مشڪل آھي! 25سچ⁠پچ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“ 26ماڻھن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“

28پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان توھان جي پٺيان ھلڻ لاءِ گھر گھاٽ ڇڏيا آھن.“ 29عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ⁠پيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن، 30۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“

عيسيٰ جو پنھنجي موت بابت وري ٻڌائڻ

(متي ۱۷‏:۲۰‎–۱۹، مرقس ۳۲‏:۱۰‎–۳۴)

31عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ انھن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون ۽ جيڪي ڳالھيون ابن⁠آدم بابت نبي لکي ويا آھن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. 32ھو غير قومن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون ھڻندا. 33اھي کيس چھبڪ ھڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 34پر شاگردن انھن مان ڪا ھڪڙي ڳالھہ بہ نہ سمجھي. انھن ڳالھين جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي ۽ جيڪي ڳالھيون چيون ويون، تن جي کين پروڙ ئي ڪانہ پئي.

انڌي فقير کي سڄو ڪرڻ

(متي ۲۹‏:۲۰‎–۳۴، مرقس ۴۶‏:۱۰‎–۵۲)

35جيئن عيسيٰ يريحو شھر جي ويجھو اچي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪڙي انڌي ماڻھوءَ ويٺي پنيو. 36ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيائين تہ ”ھي ڇا آھي؟“ 37ماڻھن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رھيو آھي.“ 38تڏھن ھن رڙ ڪري چيو تہ ”اي عيسيٰ، ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 39تنھن تي جيڪي اڳيان پئي ويا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھو اڃا بہ وڏي واڪي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 40اھو ٻڌي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ ماڻھن کي حڪم ڏنائين تہ ”ھن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏھن ھو ويجھو آيو تہ عيسيٰ پڇيس تہ 41”تون ڇا ٿو چاھين ۽ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ ھن چيو تہ ”اي سائين! مون کي وري ديد ملي.“ 42عيسيٰ چيس تہ ”وٺ ھيءَ ديد ۽ ڏس، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ 43ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳو. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ سڀيئي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index