Search form

لوقا 20

عيسيٰ جي اختياريءَ بابت سوال

(متي ۲۳‏:۲۱‎–۲۷، مرقس ۲۷‏:۱۱‎–۳۳)

1ھڪڙي ڏينھن جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي ھيڪل ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ خوشخبريءَ جي منادي پئي ڪيائين تہ سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم بزرگن سان گڏجي وٽس آيا. 2ھنن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪرين؟ اھو ڪير آھي جنھن تو کي اھا اختياري ڏني آھي؟“ 3عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ توھان کان ھڪڙو سوال ٿو پڇان. 4مون کي ٻڌايو تہ ڇا يحيٰ جي بپتسما خدا جي طرفان ھئي يا ماڻھن جي طرفان؟“ 5تڏھن اھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏھن ’خدا جي طرفان‘ ٿا چئون تہ ھو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ توھان ھن تي ايمان ڇو نہ آندو؟‘ 6پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي پڪ آھي تہ يحيٰ نبي ھو.“ 7تڏھن ھنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي تہ ڪنھن جي طرفان ھئي.“ 8تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ بہ اوھان کي ڪين ٻڌائيندس تہ آءٌ ڪنھن جي اختياريءَ سان ھي ڪم ٿو ڪريان.“

انگورن جي باغ ۽ باغائين جو مثال

(متي ۳۳‏:۲۱‎–۴۶، مرقس ۱‏:۱۲‎–۱۲)

9- پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي ھڪڙو مثال ڏنو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ انگورن جو باغ لڳايو. باغ باغائين کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڳچ وقت ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھليو ويو. 10جڏھن فصل جي لھڻ جي مند آئي تہ ھڪڙي نوڪر کي باغائين ڏانھن موڪليائين تہ کانئن انگورن جي ميوي جو ڀاڱو وٺي اچي. پر باغائين ھن کي مار ڏيئي خالي ھٿين موٽائي ڇڏيو. 11تنھن تي ھن ٻيو نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن مار ڏيئي، جٺيون ڪري خالي ھٿين موڪلي ڇڏيو. 12تڏھن ھن وري ٽيون نوڪر موڪليو. تنھن کي بہ ھنن زخمي ڪري ڌڪا ڏيئي ڪڍيو. 13تنھن تي باغ جي مالڪ چيو تہ ’ڪريان تہ ڪريان ڇا؟ پوءِ ڀلا، پنھنجو سڪيلڌو پٽ ٿو موڪليان، شايد اھي ھن جي عزت ڪن.‘ 14پر جڏھن باغائين انھيءَ کي ڏٺو، تڏھن ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، ڇو نہ ھن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘ 15پوءِ ھن کي باغ مان ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيائونس. ھاڻي باغ جو مالڪ انھن کي ڇا ڪندو؟ 16ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“

جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“ 17- عيسيٰ انھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”ھي جيڪي لکيل آھي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي؟

’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،

سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘ 18جيڪوبہ ان پٿر تي ڪرندو سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنھن تي اھو ڪرندو، تنھن کي ھو چور چور ڪري ڇڏيندو.“

محصول ڏيڻ بابت سوال

(متي ۱۵‏:۲۲‎–۲۲، مرقس ۱۳‏:۱۲‎–۱۷)

19شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي. 20پوءِ ھو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اھي سچار بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين. 21انھن ڇاڙتن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي استاد! اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي توھين چئو ٿا ۽ سيکاريو ٿا سو حق آھي ۽ توھين ڪنھن جي بہ پاسخاطري نہ ٿا ڪريو، بلڪ اوھين تہ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. 22ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 23عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ 24”مون کي چانديءَ جو سڪو ڏيکاريو تہ انھيءَ تي ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ 25ھنن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ 26ھو ماڻھن جي اڳيان کيس لفظن ۾ ڦاسائي نہ سگھيا. سندس انھيءَ جواب تي ھو حيران ٿي ويا ۽ کڻي ماٺ ڪيائون.

مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال

(متي ۲۳‏:۲۲‎–۳۳، مرقس ۱۸‏:۱۲‎–۲۷)

27- پوءِ ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ قيامت آھي ئي ڪانہ، سي عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس سوال پڇيائون 28- تہ ”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آھي تہ ’جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ ري⁠اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ ھن جي زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.‘ 29ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين شادي ڪئي ۽ ري⁠اولاد مري ويو 30تہ ٻئي سندس زال سان شادي ڪئي، اھو بہ مري ويو. 31ٽئين بہ انھيءَ عورت سان شادي ڪئي ۽ اھڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ان سان شادي ڪئي ۽ ست ئي ري⁠اولاد مري ويا. 32سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اھا عورت بہ مري ويئي. 33ھاڻي قيامت جي ڏينھن انھن مان اھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇالاءِ⁠جو ست ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“

34تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”ھن زماني جا ماڻھو پرڻبا ۽ پرڻائبا آھن، 35پر جيڪي انھيءَ لائق آھن تہ آخرت ۾ جيئرا ٿي اٿن ۽ انھيءَ زماني ۾ رھن، سي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻايا ويندا. 36ڇالاءِ⁠جو اھي وري ڪڏھن مرڻ جا نہ آھن، بلڪ اھي ملائڪن جھڙا ٿيندا. اھي خدا جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي مئلن مان جيئرا ٿيا آھن. 37- مُڙدن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اھڙو اشارو ڏنو آھي. تنھنڪري ئي ھو خداوند کي ’ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو. 38سو ھاڻي ھو مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آھي، ڇالاءِ⁠جو سڀيئي ھن جي اڳيان جيئرا آھن.“

39تڏھن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! توھان صحيح ڳالھہ ڪئي آھي.“ 40ڇالاءِ⁠جو ھنن ۾ ھمت ئي ڪانہ رھي ھئي جو کانئس وڌيڪ سوال پڇن.

مسيح بابت سوال

(متي ۴۱‏:۲۲‎–۴۶، مرقس ۳۵‏:۱۲‎–۳۷)

41عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو اولاد آھي؟ 42- ڇاڪاڻ⁠تہ دائود خود زبور ۾ چيو آھي تہ

’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ

”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،

43جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کي

تنھنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان .“‘ 44سو جڏھن دائود ھن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي تہ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“

شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ

(متي ۱‏:۲۳‎–۳۶، مرقس ۳۸‏:۱۲‎–۴۰)

45سڀني ماڻھن جي روبرو عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 46”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اھي چاھين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين. اھي عبادت⁠خاني ۾ خاص جايون ۽ مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين. 47اھي رنن⁠زالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي وڌيڪ سزا ملندي.“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index