Search form

لوقا 7

فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ

(متي ۵‏:۸‎–۱۳)

1جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي پنھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو، تڏھن ڪفرناحوم شھر ۾ آيو، 2جتي ھڪڙي فوجي صوبيدار جو نوڪر بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. نوڪر ھن کي ڏاڍو پيارو ھو. 3سو جڏھن ھن عيسيٰ بابت ٻڌو تڏھن يھودين جي چڱن مڙسن کي عيسيٰ ڏانھن موڪليائين تہ ھو اچي سندس نوڪر کي بچائي. 4اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري عرض ڪيائون تہ ”اھو ماڻھو مدد جي لائق آھي، 5سو ان لاءِ ھيءَ مھرباني ڪريو. ھو اسان جي قوم جو گھڻگھرو آھي ۽ ھن اسان کي عبادت⁠خانو ٺھرائي ڏنو آھي.“ 6عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو، 7نڪي مون پاڻ کي لائق سمجھيو جو اوھان وٽ اچان. پر اوھين کڻي رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو. 8آءٌ پڻ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ‘ تہ ھو ايندو ۽ جي پنھنجي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر‘ تہ ھو ڪندو.“ 9عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻھو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانھن منھن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.“ 10جڏھن صوبيدار جا ماڻھو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق ھو.

رن⁠زال جي پٽ کي جيئرو ڪرڻ

11ان کان پوءِ عيسيٰ نائين نالي شھر ۾ ويو ۽ ھن سان گڏ شاگرد ۽ ھڪ وڏو ميڙ ھو. 12جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رن⁠زال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا. 13جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“ 14پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“ 15تنھن تي اھو مُڙدو اٿي ويٺو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين. 16انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“ 17اھا ڳالھہ سڄي يھوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چوطرف ھُلي ويئي.

يحيٰ جا قاصد

(متي ۲‏:۱۱‎–۱۹)

18اھي سڀ ڳالھيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنھن تي يحيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي گھرايو. 19انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 20اھي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توھان ڏانھن اھو پڇڻ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو اچڻ وارو آھي، اھو اوھين آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 21انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين. 22- عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 23سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

24جڏھن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏھن عيسيٰ ميڙن کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟ 25پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن. 26پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 27- يحيٰ اھو آھي جنھن بابت لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘ 28آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“

29- سڀني ماڻھن اھو ٻڌو. جڏھن تہ انھن مان عام ماڻھن ۽ محصول اڳاڙيندڙن يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو ھو. 30پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنھنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪيو.

31پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان تہ اھي ڪنھن وانگر آھن؟ 32اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن، جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين.‘ ’اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘ 33ڇاڪاڻ⁠تہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘ 34پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘ 35پر خدا جي حڪمت سياڻن مان ئي سچي ثابت ٿي ٿئي پيئي.“

گنھگار عورت جا گناھہ بخشڻ

36ان کان پوءِ فريسين مان ھڪڙي عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ ھلي دعوت کائو.“ تڏھن ھو فريسيءَ جي گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو. 37- انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي، 38۽ عيسيٰ جي پيرن وٽ پٺيان بيھي پنھنجن ڳوڙھن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين ۽ پنھنجن وارن سان انھن کي اُگھيائين ۽ سندس پير چمي انھن تي عطر مکيائين. 39تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“ 40تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون چيو تہ ”اي استاد! بيشڪ چئو.“ 41تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙي لھڻيدار جا ٻہ قرضدار ھئا. ھڪڙي ڏانھن پنج ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا ھئس ۽ ٻئي ڏانھن پنجاھہ. 42پر انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ ھو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنھنڪري ٻنھي کي بخشي ڇڏيائين. ھاڻي انھن ٻنھي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“ 43شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنھن کي گھڻو بخش ڪيائين، اھو.“ تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“ 44پوءِ انھيءَ عورت ڏانھن منھن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”ھن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنھنجي گھر آيس تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر ھن منھنجا پير پنھنجن ڳوڙھن سان ڌوتا ۽ پنھنجن وارن سان اُگھيا آھن. 45تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آھيان تہ ھن منھنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آھي. 46تو منھنجي مٿي کي تيل نہ مکيو پر ھن تہ منھنجي پيرن کي عطر مکيو آھي. 47انھيءَ ڪري آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ ھن جا گناھہ، جيڪي گھڻا ھئا بخشيا ويا آھن، تنھنڪري ھن گھڻو پيار ڪيو آھي. پر جنھن جا گناھہ ٿورا ھئا جيڪي بخشيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“ 48پوءِ انھيءَ عورت کي چيائين تہ ”تنھنجا گناھہ بخشيا ويا.“ 49تڏھن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي ويٺي کاڌو سي پنھنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھيءُ ڪير آھي جو گناھہ بہ بخشي ٿو؟“ 50پر عيسيٰ انھيءَ عورت کي چيو تہ ”تنھنجي ايمان تو کي بچايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index