Search form

لوقا 8:51-53

51‏-53پوءِ ھو جڏھن انھيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇوتہ ھوءَ مئي ڪانھي پر ستي پيئي آھي.“ جنھن تي ھو عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو انھن کي يقين ھو تہ ھوءَ مري ويئي آھي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو. 54اتي عيسيٰ ڇوڪريءَ جو ھٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اٿ.“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index