Search form

لوقا 9

ٻارھن شاگردن کي موڪلڻ

(متي ۵‏:۱۰‎–۱۵، مرقس ۷‏:۶‎–۱۳)

1عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي سڏي کين ھيءَ طاقت ۽ اختياري ڏني تہ ھو سڀني ڀوتن کي ڪڍن ۽ بيمارن کي شفا ڏين. 2پوءِ انھن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاھت جي منادي ڪريو ۽ بيمارن کي شفا ڏيو.“ 3- انھن کي چيائين تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٻاچڪو، نہ ماني، نہ روڪڙ ۽ نہ ٻہ پھراڻ. 4جنھن گھر ۾ وڃو تہ اتي ايستائين ٽڪجو جيستائين ان شھر مان روانا نہ ٿيو. 5- جيڪي ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ انھيءَ شھر کان ٻاھر نڪري پنھنجن +پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاھدي قائم ٿئي.“ 6اھي شاگرد روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ مان لنگھندي خوشخبري ٻڌائيندا ۽ ھر ھنڌ ماڻھن کي شفا ڏيندا ويا.

ھيروديس جي پريشاني

(متي ۱‏:۱۴‎–۱۲، مرقس ۱۴‏:۶‎–۲۹)

7- ھاڻي جڏھن سڄو احوال گليل جي حاڪم ھيروديس جي ڪن تي پيو تہ ھو ڏاڍو اچي پريشان ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ڪن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آھي.“ 8ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاھر ٿيو آھي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آھي.“ 9تنھن تي ھيروديس چيو تہ ”يحيٰ جي تہ مون سسي لھرائي ڇڏي ھئي. پر ھيءُ ڪير آھي جنھن جون ھھڙيون ڳالھيون ٿا ٻڌون؟“ تڏھن ھو عيسيٰ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.

پنج ھزار مردن کي ماني کارائڻ

(متي ۱۳‏:۱۴‎–۲۱، مرقس ۳۰‏:۶‎–۴۴، يوحنا ۱‏:۶‎–۱۴)

10رسول جڏھن موٽي آيا، تڏھن عيسيٰ کي سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي ڪيو ھئائون. عيسيٰ انھن کي پاڻ سان گڏ بيت⁠صيدا نالي شھر ڏانھن نويڪلو وٺي ويو. 11پر جڏھن ماڻھن جي ميڙن کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پيئي، تڏھن اھي بہ عيسيٰ جي پٺيان اٿي ھليا. ھو انھن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاھت جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳو ۽ جن کي شفا جي ضرورت ھئي تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.

12جڏھن سج لھڻ تي ٿيو تہ ٻارھن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسي⁠پاسي⁠ وارن ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو بلو ڪن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين ھت سڃي ھنڌ ۾ آھيون.“ 13عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“ 14ڇالاءِ⁠جو اھي پنج ھزار کن مرد ھئا. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن کي پنجاھہ پنجاھہ جي ٽولين ۾ ڪري ويھاريو.“ 15شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ سڀني کي ويھاريو. 16تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن. 17پوءِ تہ انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون ٻارھن کاريون ڀري کنيائون.

پطرس جو عيسيٰ بابت اظھار

(متي ۱۳‏:۱۶‎–۱۹، مرقس ۲۷‏:۸‎–۲۹)

18ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ 19- شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“ 20- ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“

عيسيٰ جو پنھنجي ڏک ۽ موت بابت ٻڌائڻ

(متي ۲۰‏:۱۶‎–۲۸، مرقس ۳۰‏:۸‎–۱‏:۹)

21تڏھن عيسيٰ شاگردن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ 22کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابن⁠آدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 23- پوءِ سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منھنجي پٺيان اچڻ گھري، سو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ روزانو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي. 24- ڇالاءِ⁠جو جيڪو پنھنجي جان بچائڻ چاھيندو سو اھا وڃائيندو. پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو، سو انھيءَ کي بچائيندو. 25جيڪڏھن ماڻھو کڻي سڄي دنيا ھٿ ڪري، پر پنھنجي جان وڃائي يا انھيءَ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏي تہ ڪھڙو فائدو ٿيندس؟ 26ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مون کان ۽ منھنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنھن کان ابن⁠آدم بہ شرمائيندو، جڏھن ھو پنھنجي، پنھنجي پيءُ جي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو. 27آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي ھتي بيٺا آھن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاھت کي نہ ڏسندا.“

عيسيٰ جو نوراني صورت ۾ ظاھر ٿيڻ

(متي ۱‏:۱۷‎–۸، مرقس ۲‏:۹‎–۸)

28- انھن ڳالھين کان پوءِ اٽڪل اٺن ڏينھن بعد عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي ھڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو. 29جيئن ئي ھو دعا گھري رھيو ھو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي. 30اتي جو اتي ٻن شخصن کي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪندي ڏٺو ويو، جيڪي موسيٰ ۽ الياس نبي ھئا، 31جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو. 32ان وقت پطرس ۽ سندس سنگتي اگھور ننڊ ۾ ھئا ۽ جڏھن جاڳيا، تڏھن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻھو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون. 33جڏھن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏھن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! اسان جا ڀاڳ ڀلا آھن جو اسين ھتي آھيون، سو ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، ھڪڙو اوھان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس حقيقت ۾ خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ڇا ٿو چوي. 34اڃا ھن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ جڏھن اھي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ شاگرد ڊڄي ويا. 35- ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھيءُ منھنجو چونڊيل فرزند آھي، سو اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 36جڏھن اھو آواز آيو تڏھن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالھيون ڏٺيون ھئائون تن مان ڪابہ انھيءَ وقت ڪنھن سان بہ نہ ڪيائون.

ھڪ ڇوڪري مان ڀوت ڪڍڻ

(متي ۱۴‏:۱۷‎–۱۸، مرقس ۱۴‏:۹‎–۲۷)

37ٻئي ڏينھن تي ھو جبل تان لٿا تہ وڏو ميڙ اچي عيسيٰ سان گڏيو. 38ھڪ ماڻھوءَ ميڙ مان رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منھنجي پٽ کي ھلي ڏسو، ڇوتہ اھو منھنجو سڪيلڌو آھي. 39ھن کي ھڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺي، جنھن ڪري اوچتو وٺيو رڙيون ڪري. اھو اھڙو ٿو گھٽيس جو گڦ پئي وھيس ۽ چچريو ڇڏيس. پوءِ مس مس ٿو منجھانئس نڪري. 40مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“ 41تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“ 42ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين. 43سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.

ٻيو دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

(متي ۲۲‏:۱۷‎–۲۳، مرقس ۳۰‏:۹‎–۳۲)

جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ 44”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“ 45پر ھنن اھا ڳالھہ نہ سمجھي ۽ اھا انھن کان ڳجھي رھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو اھا نہ سمجھن. انھيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.

وڏو ڪير؟

(متي ۱‏:۱۸‎–۵، مرقس ۳۳‏:۹‎–۳۷)

46- شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آھي؟“ 47پر عيسيٰ سندن دل جو اھو خيال ڄاڻي ورتو، سو ھڪڙو ننڍڙو ٻار کڻي پنھنجي ڀرسان بيھاريائين. 48- پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“

مخالف ۽ طرفدار ڪير؟

(مرقس ۳۸‏:۹‎–۴۰)

49يوحنا چيو تہ ”اي سائين! اسان ھڪڙي ماڻھوءَ کي اوھان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇوتہ ھو اسان سان گڏ تنھنجي پيروي نہ ٿو ڪري.“ 50پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“

سامري ڳوٺ ۾ نہ قبولجڻ

51جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو. 52پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن. 53پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو. 54- تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“ 55پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو 56۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.

عيسيٰ جا پوئلڳ ڪير؟

(متي ۱۹‏:۸‎–۲۲)

57جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“ 58عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون آھن ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 59عيسيٰ ٻئي کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ پر ھن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين منھنجو پيءُ دفن ٿئي.“ 60تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“ 61- ھڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوھان جي پٺيان ھلندس، پر پھريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻھن کان موڪلائي اچان.“ 62تنھن تي عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪو پنھنجو ھٿ ھر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نھاري، سو خدا جي بادشاھت جي لائق نہ آھي.“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index