Search form

مرقس 10

طلاق بابت تعليم

(متي ۱‏:۱۹‎–۱۲، لوقا ۱۸‏:۱۶)

1عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

2ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“ 3عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ اوھان کي ڪھڙو حڪم ڏنو آھي؟“ 4- انھن چيو تہ ”موسيٰ تہ اجازت ڏني آھي تہ طلاق⁠نامو لکي ڪڍي سگھونس ٿا.“ 5عيسيٰ چيو تہ ”موسيٰ اوھان کي ھي حڪم انھيءَ لاءِ ڏنو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جي سخت⁠دليءَ جي خبر ھئي. 6- پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا ھنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آھي. 7- ’تنھنڪري مرد پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو، 8۽ ٻہ جسم گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘ پوءِ اھي ٻہ نہ، پر ھڪ آھن. 9سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“

10پوءِ جڏھن ھو گھر موٽي آيا تہ شاگردن عيسيٰ کان ان بابت پڇيو. 11- عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، تنھن ڄڻ زنا ڪئي، 12۽ اھڙيءَ طرح جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنھن ٻئي سان پرڻجي ٿي، تنھن زال بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

ننڍڙن ٻارن سان پيار

(متي ۱۳‏:۱۹‎–۱۵، لوقا ۱۵‏:۱۸‎–۱۷)

13ڪن ماڻھن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي، پر شاگردن انھن کي ڇينڀيو. 14جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي. 15- آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ 16پوءِ ٻارن کي ھنج ۾ کڻي انھن جي مٿان ھٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين.

شاھوڪار ۽ خدا جي بادشاھت

(متي ۱۶‏:۱۹‎–۳۰، لوقا ۱۸‏:۱۸‎–۳۰)

17عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 18عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ اڪيلي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي. 19- تو کي تہ حڪمن جي خبر آھي تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، ٺڳي نہ ڪر ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.“ 20تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”استاد! انھن حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي ھوندي کان ئي وٺي عمل ڪندو ٿو رھان.“ 21عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 22اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.

23عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“ 24ھنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ ھنن کي وري چيو تہ ”اي منھنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. 25اُٺ جو سئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“ 26تنھن تي شاگرد ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا ڪري سگھي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا ھر شيءِ تي قادر آھي.“

28پوءِ پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسان تہ سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون.“ 29تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو، 30تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي. 31- پر ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترا ئي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“

ٽيون دفعو پنھنجي موت بابت ٻڌائڻ

(متي ۱۷‏:۲۰‎–۱۹، لوقا ۳۱‏:۱۸‎–۳۴)

32عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو. 33عيسيٰ چين تہ ”ھاڻي اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون، جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو. اھي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا. 34اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

يعقوب ۽ يوحنا جو عرض

(متي ۲۰‏:۲۰‎–۲۸)

35پوءِ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين چاھيون ٿا تہ اوھين اسان جي لاءِ ڪجھہ ڪريو.“ 36عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين مون کان پنھنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“ 37انھن چيو تہ ”اسين چاھيون ٿا تہ جڏھن اوھين پنھنجي بادشاھت جي جلوي سان تخت تي ويھو تڏھن اوھين اسان کي اجازت ڏيو تہ ھڪڙو اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو اوھان جي کاٻي پاسي ويھي.“ 38- عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوھين ڇا گھُري رھيا آھيو. ڇا اوھين اُھو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي؟ ڇا اوھين اھڙي بپتسما وٺي سگھندا جھڙي نموني مون کي وٺڻي آھي؟“ 39انھن چيو تہ ”ھائو ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين بہ اھو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آھي ۽ اوھين بہ اھا بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آھي. 40پر منھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ، اھو منھنجي اختيار ۾ نہ آھي، بلڪ انھن جڳھن تي انھن کي ئي ويھاريو ويندو جن جي لاءِ اھي تيار ڪيون ويون آھن.“

41جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙيا. 42- عيسيٰ انھن سڀني کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيو تہ ”اوھان کي خبر آھي تہ جيڪي قومن جا سردار ٿا سڏائين ۽ ماڻھن تي حڪم ٿا ھلائين، تن مٿان وري سندن اميرن کي اختيار حاصل آھي. 43- پر اوھان ۾ ائين نہ آھي. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو خدمتگار ٿئي، 44۽ جيڪو اوھان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اھو سڀني جو غلام ٿئي. 45ڇالاءِ⁠جو ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“

انڌي بارتمئي کي سڄو ڪرڻ

(متي ۲۹‏:۲۰‎–۳۴، لوقا ۳۵‏:۱۸‎–۴۳)

46پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو. 47جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي آھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 48ڪيترن ئي ھن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“ 49تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ چيائين تہ ”ھن کي سڏيو.“ سو انھن انڌي ماڻھوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر ۽ اُٿي ھل جو ھو تو کي سڏي ٿو پيو.“ 50تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو. 51عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاھين تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ انڌي وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ چاھيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“ 52عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو.

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index