Search form

مرقس 11

يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ

(متي ۱‏:۲۱‎–۱۱، لوقا ۲۸‏:۱۹‎–۴۰، يوحنا ۱۲‏:۱۲‎–۱۹)

1جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت⁠فگاہ ۽ بيت⁠عنياہ ڳوٺن وٽ آيا، تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو، 2۽ چيائين تہ ”سامھون واري ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن ان ڳوٺ ۾ ويندءُ تہ اُتي ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندءُ، جنھن تي اڃا ڪنھن بہ سواري نہ ڪئي ھوندي. انھيءَ کي ڇوڙي ھيڏانھن ڪاھي اچو، 3۽ جيڪوبہ توھان کان پڇي تہ ’ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تہ چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي ۽ ھو جلد ئي واپس ڏياري موڪليندو.‘“ 4سو ھو روانا ٿي ويا ۽ کودڙي کي گھٽيءَ ۾ ھڪڙي دروازي جي ٻاھران ٻڌل ڏٺائون ۽ جيئن ئي ڇوڙيائون پئي 5تہ جيڪي اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن انھن کي چيو تہ ”ھي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 6تنھن تي انھن ائين ئي جواب ڏنو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو. تڏھن انھن موڪل ڏنن. 7اُھي کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ انھيءَ تي پنھنجا ڪپڙا وڌائون، پوءِ عيسيٰ ان تي چڙھي ويٺو. 8ڪيترن ئي ماڻھن پنھنجا پھراڻ رستي تي وڇائي ڇڏيا ۽ ڪن وري ٻنين مان وڻن جون ٽاريون پٽي آڻي پکيڙي ڇڏيون. 9- جيڪي ماڻھو عيسيٰ جي اڳيان ۽ پٺيان پئي ھليا تن وڏي واڪي پئي چيو تہ

”خدا جي واکاڻ ھجي،

سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي.

10سڳوري آھي اسان جي ابي دائود جي ايندڙ بادشاھت.

عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي.“

11عيسيٰ يروشلم ۾ داخل ٿي ھيڪل ۾ ويو، جتي چوڌاري نظر ڦيرائي ھر ھڪ شيءِ کي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينھن ڪافي لڙي چڪو ھو، تنھنڪري ھو پنھنجن ٻارھن شاگردن سان بيت⁠عنياہ ڏانھن ھليو ويو.

انجير جي وڻ کي پاراتو

(متي ۱۸‏:۲۱‎–۱۹)

12ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھو بيت⁠عنياہ کان موٽي رھيا ھئا تہ عيسيٰ کي بک لڳي. 13ھن پري کان ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو پنن سان ڍڪيل ھو. انھيءَ ڪري ھو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر ھو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ انجيرن جي مند نہ ھئي. 14تنھن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏھن بہ ڪو تو مان انجير نہ لھندو.“ سندس شاگردن اھو ٻڌي ورتو.

عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

(متي ۱۲‏:۲۱‎–۱۷، لوقا ۴۵‏:۱۹‎–۴۸، يوحنا ۱۳‏:۲‎–۲۲)

15جڏھن اُھي يروشلم ۾ پھتا تہ عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اُتي جيڪي واپار ۽ ڏيتي⁠ليتيءَ ۾ رُڌل ھئا، تن کي اتان ڌڪي ڪڍڻ لڳو ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين، 16۽ ڪنھن کي بہ ھيڪل مان سامان کڻي وڃڻ نہ ڏنائين. 17- پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“

18سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻ⁠تہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي. 19جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شھر مان نڪري ھليا ويا.

انجير جي وڻ مان سبق

(متي ۲۰‏:۲۱‎–۲۲)

20ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جيئن ھو رستو وٺيو پئي ويا تہ انھن اُھو انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو ھو. 21تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“ 22عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”خدا تي ايمان آڻيو. 23- آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ شڪ نہ آھي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏھن ھو ھن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪر‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 24تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھين دعا گھرو ٿا ۽ جنھن شيءِ لاءِ گھرو ٿا، تہ يقين ڪريو تہ اھا اوھان کي ملي ويئي آھي ۽ اوھان کي اُھو ئي ملندو جيڪو اوھين دعا ۾ گھرندا. 25‏-26- جڏھن بہ اوھين دعا گھرڻ لاءِ بيھو، تڏھن جيڪڏھن اوھان جو ڪنھن تي رنج آھي تہ اُن کي معاف ڪري ڇڏيو تہ اوھان جو پيءُ جيڪو آسمان ۾ آھي سو بہ اوھان جا ڏوھہ اوھان کي بخشي ڇڏي.“+

عيسيٰ جي اختياريءَ بابت سوال

(متي ۲۳‏:۲۱‎–۲۷، لوقا ۱‏:۲۰‎–۸)

27ھو وري يروشلم ۾ موٽي آيا. جيئن عيسيٰ ھيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ وٽس آيا، 28۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي ھن ڪم جي اختياري ڪنھن ڏني آھي؟“ 29تنھن تي عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوھان کي ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو. 30مون کي ٻڌايو تہ يحيٰ جي بپتسما ڪنھن جي طرفان ھئي، خدا جي طرفان يا ماڻھن جي طرفان؟“ 31تنھن تي اُھي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟“ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھي جواب ۾ ”خدا جي طرفان“ چون پيا تہ عيسيٰ چوين ھا ”تہ پوءِ اوھان يحيٰ تي ڇو ڪين ايمان آندو؟“ 32پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا. 33تنھنڪري انھن عيسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي خبر نہ آھي.“ تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو.“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index