Search form

مرقس 16

عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ

(متي ۱‏:۲۸‎–۸، لوقا ۱‏:۲۴‎–۱۲، يوحنا ۱‏:۲۰‎–۱۰)

1جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن. 2آچر جي ڏينھن تي سج اڀرئي مھل اھي قبر تي آيون. 3اھي پاڻ ۾ چئي رھيون ھيون تہ ”اسان لاءِ ڪير قبر جي منھن تان پٿر ھٽائيندو؟“ ڇالاءِ⁠جو اھو پٿر تمام وڏو ھو. 4پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي. 5جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون. 6تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون. 7- پر اوھين وڃو ۽ وڃي عيسيٰ جي شاگردن ۽ پطرس کي چئو تہ ’ھو اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي. اوھين ھن کي اتي ڏسندا، جيئن ھن پاڻ اوھان کي ٻڌايو ھو.‘“ 8اھي قبر کان ٻاھر نڪري وٺي ڀڳيون، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي ھئي. انھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالھايو ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڊپ پئي ٿيو.

مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏيڻ

(متي ۹‏:۲۸‎–۱۰، يوحنا ۱۱‏:۲۰‎–۱۸)

9عيسيٰ آچر جي صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنھن مان ھن ست ڀوت ڪڍيا ھئا. 10ھوءَ ويئي ۽ وڃي ھن جي ساٿين کي اھو ٻڌايائين، جيڪي سوڳ ڪندي روئن پيا. 11جڏھن ھنن ٻڌو تہ عيسيٰ جيئرو آھي ۽ مريم ان کي ڏٺو آھي، تڏھن اھي مٿس اعتبار ئي نہ پيا ڪن.

ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

(لوقا ۱۳‏:۲۴‎–۳۵)

12انھيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻئي صورت انھن مان ٻن شاگردن کي ڏيکاري ڏني، جڏھن اُھي پنھنجو رستو وٺيو ٻھراڙيءَ ۾ وڃن پيا. 13تڏھن اھي موٽي پيا ۽ اھا ڳالھہ ٻين کي بہ اچي ٻڌايائون. پر اھي انھيءَ ڳالھہ تي اعتبار ئي نہ پيا ڪن.

يارھن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ

(متي ۱۶‏:۲۸‎–۲۰، لوقا ۳۶‏:۲۴‎–۴۹، يوحنا ۱۹‏:۲۰‎–۲۳، رسولن جا ڪم ۶‏:۱‎–۸)

14آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن. 15- پوءِ ھن انھن کي چيو تہ ”سڄي دنيا ۾ وڃو ۽ انسانذات ۾ منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريو. 16جيڪوبہ ايمان آڻيندو ۽ بپتسما وٺندو سو ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ۽ جيڪوبہ ايمان نہ آڻيندو سو ڏوھاري ٿيندو. 17ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا. 18جيڪڏھن اھي نانگ جھليندا يا زھر پيئندا تہ بہ انھن کي ڪو نقصان نہ پھچندو. ھو بيمارن کي ھٿ لائيندا تہ اھي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“

عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ

(لوقا ۵۰‏:۲۴‎–۵۳، رسولن جا ڪم ۹‏:۱‎–۱۱)

19- خداوند عيسيٰ انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 20پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index