Search form

متي 14

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو موت

(مرقس ۱۴‏:۶‎–۲۹، لوقا ۷‏:۹‎–۹)

1انھن ڏينھن ۾ گليل جي حاڪم ھيروديس جڏھن عيسيٰ جي ھاڪ ٻڌي، 2تڏھن پنھنجن نوڪرن کي چيائين تہ ”ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آھي. جيئن تہ ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي، تنھنڪري ھو اھي معجزا ٿو ڪري.“ 3- ھيروديس پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين. 4- ڇالاءِ⁠جو يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاڄائي ھيرودياس سان شادي ڪريو.“ 5سو ھيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاھيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ⁠جو ھنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.

6جڏھن ھيروديس جي جنم جو ڏينھن آيو تڏھن ھيرودياس جي ڌيءَ ماڻھن جي وچ ۾ بيھي ناچ ڪيو. ھيروديس ايترو تہ خوش ٿيو 7جو ھن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“ 8تنھن تي ھن ائين ئي چيو جيئن ماڻس سيکاريو ھوس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ ھتي گھرائي ڏيو.“ 9اھو ٻڌي بادشاھہ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيئن تہ ھن مھمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو ھو، تنھنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ جيئن انھيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي. 10سو ماڻھو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لھرايائين. 11سسي ٿالھہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنھن اُھا پنھنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي. 12يحيٰ جي شاگردن اچي لاش ورتو ۽ اُن کي دفن ڪيائون. پوءِ عيسيٰ کي اچي ٻڌايائون.

پنجن ھزارن کي کارائڻ

(مرقس ۳۰‏:۶‎–۴۴، لوقا ۱۰‏:۹‎–۱۷، يوحنا ۱‏:۶‎–۱۴)

13جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا. 14جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.

15جڏھن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ ھتي اسين سڃي ھنڌ ۾ آھيون. سو ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“ 16تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانھي. اوھين ئي انھن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ 17انھن چيو تہ ”اسان وٽ ڪل پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“ 18عيسيٰ چيو تہ ”اھي مون وٽ کڻي اچو.“ 19ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا. 20سڀني کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارھن کاريون ڀري کنيون. 21جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج ھزار کن ھو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

(مرقس ۴۵‏:۶‎–۵۲، يوحنا ۱۵‏:۶‎–۲۱)

22تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر وڃو.“ پوءِ ماڻھن کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏيائين. 23ماڻھن جي موڪلائڻ کان پوءِ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. شام تائين ھو اتي اڪيلو ئي رھيو. 24انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِ⁠جو واءُ ان جي سامھون ھو. 25رات جي پوئين پھر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انھن وٽ آيو. 26جڏھن شاگردن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دھلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪو جن آھي.“ سو ھو وٺي ڊپ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا. 27تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“ 28پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن تون آھين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي ھلي تو وٽ اچان.“ 29تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو. 30پر جڏھن ھن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“ 31تڏھن عيسيٰ ھڪدم ھٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنھنجو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.“ 32پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تہ واءُ بند ٿي ويو. 33تنھن تي جيڪي⁠بہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“

گنيسرت جي بيمارن کي شفا ڏيڻ

(مرقس ۵۳‏:۶‎–۵۶)

34اھي ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيا. 35اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. تنھنڪري ھنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻھو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا. 36پوءِ ھنن منٿ ڪيس تہ ”رڳو پنھنجي دامن کي ھٿ لائڻ ڏيو.“ تڏھن جن بہ ھٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index