Search form

متي 25

ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين جو مثال

1- ”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون. 2انھن مان پنج اياڻيون ھيون ۽ پنج سياڻيون. 3اياڻين جڏھن پنھنجون ڏياٽيون کنيون تہ پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون، 4پر سياڻين پنھنجن ڏياٽين کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ پيالن ۾ تيل بہ کنيو. 5گھوٽ کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي تنھنڪري ڇوڪرين کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ اھي سمھي پيون.

6پوءِ اڌ رات جو جڏھن ھُل ٿيو تہ ’اِجھو، گھوٽ اچي ويو. ٻاھر اچو ۽ کيس گڏجو.‘ 7تڏھن اُھي ڇوڪريون اُٿيون ۽ پنھنجون ڏياٽيون ٺيڪ ڪرڻ لڳيون. 8تڏھن اياڻين ڇوڪرين سياڻين کي چيو تہ ’ڪجھہ تيل اسان کي بہ ڏيو، ڇوتہ اسان جون ڏياٽيون وسامن ٿيون.‘ 9پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آھي جو اسان ۽ اوھان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوھين وڃي دڪان تان پنھنجي لاءِ تيل وٺي اچو.‘ 10تنھنڪري اياڻيون ڇوڪريون تيل وٺڻ لاءِ ويون پئي تہ ايتري ۾ گھوٽ بہ اچي پھتو. پنج ڇوڪريون جيڪي تيار ھيون سي گھوٽ سان شاديءَ جي محفل ۾ ويون ۽ دروازو بند ٿي ويو.

11- تنھن کان پوءِ ٻيون ڇوڪريون بہ پھتيون ۽ چوڻ لڳيون تہ ’اي سائين! اي سائين! اسان لاءِ در کوليو.‘ 12پر گھوٽ وراڻيو تہ ’آءٌ سچ ٿو چوان تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان.‘

13تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“

ٽن نوڪرن جو مثال

(لوقا ۱۱‏:۱۹‎–۲۷)

14”يا وري آسمان واري بادشاھت انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو ٻئي ملڪ ڏانھن سير ڪرڻ لاءِ ويو پئي ۽ پنھنجن نوڪرن کي سڏي پنھنجو مال ملڪيت انھن جي حوالي ڪيائين. 15ھن ھر ھڪ کي سندس لياقت موجب ملڪيت ڏني. ھڪ کي پنج ھزار +چانديءَ جا سڪا ڏنائين، ٻئي کي ٻہ ھزار ۽ ٽئين کي ھڪ ھزار ڏيئي پاڻ مسافريءَ تي ويو ھليو. 16جنھن کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن وڃي ھڪدم انھن سان واپار ھلايو ۽ ٻيا پنج ھزار ڪمايائين. 17اھڙيءَ طرح جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن بہ ٻہ ھزار ٻيا ڪمايا. 18پر جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا، تنھن زمين ۾ کڏ کوٽي پنھنجي مالڪ جا پيسا پوري ڇڏيا.

19گھڻي وقت گذرڻ کان پوءِ انھن نوڪرن جو مالڪ موٽي آيو ۽ انھن کان حساب وٺڻ لڳو. 20جنھن نوڪر کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا، اھو ٻيا بہ پنج ھزار کڻي آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي پنج ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ پنج ھزار ڪمايا آھن.‘ 21تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ 22پوءِ اھو نوڪر آيو جنھن کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچڻ سان چيائين تہ ’سائين! اوھان مون کي ٻہ ھزار چانديءَ جا سڪا ڏنا ھئا. اِجھو، مون انھن مان ٻيا بہ ٻہ ھزار ڪمايا آھن.‘ 23تنھن تي سندس مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘ 24پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو. 25تنھنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوھان جا ڏنل ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. اِجھو، ھي اوھان جا پيسا.‘ 26تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان 27تہ پوءِ تو کي گھربو ھو تہ منھنجا پيسا سيڙائين ھا ۽ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ پيسا منافعي سميت اچي وٺان ھا.‘ 28پوءِ حڪم ڏنائين تہ ’ھن کان اھو ھڪ ھزار بہ کسي ڏھن ھزارن واري نوڪر کي ڏيو. 29- ڇالاءِ⁠جو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي. 30- اوھين ھن بيڪار نوڪر کي ڌڪا ڏيئي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽي.‘“

آخري فيصلو

31- ”جڏھن ابن⁠آدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو 32۽ سڀني قومن جا ماڻھو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ ھو انھن کي ٻن ٽولن ۾ ورھائيندو، جيئن ريڍار پنھنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آھي. 33ھو رڍن کي پنھنجي ساڄي پاسي بيھاريندو ۽ ٻڪرين کي کاٻي پاسي. 34پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي. 35ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي پياريو، آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو. 36آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا ڍڪايا، آءٌ بيمار ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري ڪئي، آءٌ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي ملاقات ڪئي.‘ 37تنھن تي نيڪ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل ڏسي کارايو يا اُڃايل ڏسي پياريو؟ 38ڪڏھن اسان تو کي پرديسي ڏسي پنھنجي گھر ۾ ٽڪايو يا اگھاڙو ڏسي ڪپڙا ڍڪايا؟ 39ڪڏھن اسان تو کي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تنھنجي ملاقات ڪئي؟‘ 40بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان منھنجي ڪنھن گھٽ کان گھٽ ڀاءُ ڀيڻ سان بہ اھڙو ڪم ڪيو، تہ اھو ڄڻ اوھان مون سان ئي ڪيو.‘

41پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي. 42ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ بکايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ کارايو، آءٌ اڃايل ھوس تہ اوھان مون کي نہ پياريو. 43جڏھن آءٌ پرديسي ھوس تہ اوھان مون کي پنھنجي گھر ۾ نہ ٽڪايو، آءٌ اگھاڙو ھوس تہ اوھان مون کي ڪپڙا نہ ڍڪايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ ھوس تہ اوھان منھنجي تيمارداري نہ ڪئي.‘ 44پوءِ اھي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏھن اسان تو کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان تنھنجي مدد نہ ڪئي؟‘ 45تنھن تي بادشاھہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ڪنھن بہ گھٽ کان گھٽ ماڻھوءَ کي مدد کان انڪار ڪيو تہ ڄڻ اوھان منھنجي مدد کان انڪار ڪيو. 46- پوءِ اوھان کي دائمي سزا ملندي ۽ نيڪن کي دائمي زندگي.‘“

Common Language New Testament

© 2009 Pakistan Bible Society

More Info | Version Index